ڇپر جي ڇولي

ڇپر جي ڇولي

ڇپر جي ڇولي

ڇپر جي ڇولي (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هي تحرير ۽ تحقيق انب گوپانگ جي آهي. ڪتاب جي نگراني ۽ نظرثاني نامور ليکڪا ۽ اسڪالر ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه جي ڪلام ۾ سُر سسئيءَ واري قصي ۾ ڪتب آندل اصطلاحن، فڪري نقطن، لفظن، پهاڪن، چوڻين وغيره جي تشريح ڪئي وئي آهي ۽ انهن پهلوئن کي مدنظر رکي، انهن جو پسمنظر به بيان ڪيو ويو آهي. لطيفيات جي موضوع تي هن منفرد نموني جي تحقيق وارو ڪتاب پڪي جلد سان ۽ ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل آهي، جنهن ۾ 291 صفحا آهن. هيءُ ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي 1999ع ۾ شايع ڪيو ۽ ان جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو